سيال خادم حسين

سيال خادم حسين

سيال خادم حسين

سيال، خادم حسين (راڳي): خادم حسين سيال 1960ع ڌاري ڳوٺ سرائي محبت خان سيٺار، ضلعي شهيد بينظيرآباد ۾ جنم ورتو. ساڳئي ڳوٺ ۾ پنج درجا تعليم حاصل ڪيائين. غربت سبب وڌيڪ تعليم حاصل نه ڪري سگهيو، کيس ننڍي هوندي کان ئي راڳ ٻڌڻ جو شوق هوندو هو. ان ڪري پاڻ ٻيو ڌنڌو ڇڏي يڪتاري چپڙيءَ تي راڳ ڳائڻ لڳو. هن راڳ جي سکيا علي گوهر مهر کان ورتي. گهڻو ڪري صوفياڻي محفلن ۾ ڳائيندو آهي. خادم حسين سيال 1981ع کان وٺي ريڊيو ۽ ٽي وي تي پروگرام ڪندو اچي ٿو. هن شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست، استاد بخاري، زخمي چانڊيي ۽ ٻين شاعرن جي شاعري ڳائي آهي. هن وقت سٺ ميل شهر ۾ رهي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو